SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Neo Mercantilism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • neo
  • məːkəntilizəm
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Neo Mercantilism

نيئو مرڪئنٽلزم

جديد وڻجاريت جو نظريو- نو-واپاري سرشتو

هي نظريو پُراڻي واپاري سرشتي واري خيال جي نئين اوسر جي شڪل ۾ اُڀريو. جيڪو ٻن مدن يا دورن تي ٻڌل آهي. پهريون مدو 1919ع کان 1939ع تائين آهي، جنهن ۾ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي خاتمي ۽ ”عظيم معاشي بدحالي“ وارا زمانا اچي وڃن ٿا. جڏهن ته ٻيو مرحلو 1970ع کان شروع ٿيو، جڏهن ’بريٽن ووڊ سرشتو‘ ٽٽڻ شروع ٿيو ۽ عالمي معيشيت تي آمريڪي هڪ هٽيءَ خلاف ماحول جُڙڻ لڳو. انهن ٻنهي مرحلن جو هڪٻئي سان واسطو ان ڪري جُڙيو، جو ان عرصي دوران رياستن ”تحفظ واري پاليسي“ (Protectionism) جو استعمال ڪندي، مُلڪي معيشيت تي پوندڙ خارجي اثرن کي گهٽائڻ ، ايڪسپورٽ جو عمل وڌائي ۽ امپورٽ گهٽاڻ ذريعي اضافي ناڻي جي بچت ڪندي، مالي مضبوطي حاصل پئي ڪرڻ گهرُي. جيئن ته دنيا ۾ معيشيت جي شعبي جي سياست ۽ واپاري مُفادن جي حوالي سان اهميت پهريائين تسليم ٿي چُڪي هئي ، جڏهن ته ٻئي طرف دولت کي جمع ڪرڻ بدران، اُن کي عوامي فلاح لاءِ خرچ ڪرڻ وارو خيال سياسي نظام ۾ اهميت حاصل ڪري چُڪو هو، تنهنڪري حُڪومتي ڪاروهنوار هلائڻ (Governance) واري طريقي ۾ به وڏيون تبديليون آيون. اڳ جڏهن ”تحفظ واري پاليسيءَ“ کي رياستي سگهه وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، هاڻي اُها عام ماڻهوءَ جي زندگي بهتر بنائڻ روزگار جا وسيلا پيدا ڪرڻ ۽ رياستي حدفن ماڻڻ لاءِ ڪتب اچڻ لڳي. ”نيومرڪئنٽلزم“ جيئن ته هاڻي سماج جي گهڻن پرتن کي خوش ڪرڻ واري مهم تي هو، تنهنڪري سندس بُنيادن ۾ موجود بي رحميءَ ۾ به ڪافي گهٽتائي آئي. ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ عالمي واپار تي وڌندڙ آمريڪي اثر ۽ GATT جي قيام، هن نظريي کي ٻن خاص رُخن طرف لاڙيو . 1. اهڙن رياستي بلاڪن جي تشڪيل طرف جيڪي علاقائي واسطيدارن تي بيٺل هئا. 2. انهن بلاڪن ۾ موجود ڪن رياستن جي هروڀرو پُٺڀرائي ڪرڻ طرف ته جيئن اُهي سندن دائري کان ٻاهر رهندڙ رياستن خلاف متڀيد جو رويو اختيار ڪن. اهو متڀيد تي ٻڌل رويو يورپي يونين طرفان ”گڏيل زرعي پاليسي“ (CAP) جي ذريعي پنهنجي انتها تي پهچي ويو. عام طرح تي ”نيئومرڪئنٽلزم“ ڪنهن به رياستن جي داخلي مُفادن کي ترجيح ڏيندي، بيروني چٽاڀيٽيءَ کي رد ڪري ٿو اهو سرشتو پيدا ڪيل وکرن جي قيمتن کي عالمي منڊيءَ جي بجاءِ پنهنجي- مُنهن ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پيداوري قوتون واڌو پيداواري عمل ذريعي وکرن کي ڍڳ ڪري ڇپرُ ڪرڻ (Dumping) کان پوءِ، عالمي منڊيءَ ۾ انهن جي فراهمي پنهنجي مرضيءِ مطابق قيمتن جي وصوليءَ کان پوءِ ڪن ٿيون. ان کان علاوه اهي وکر معاشي امداد طور استعمال ٿي سياسي ايجنڊا بڻجي، ڪمزور رياستن مٿان سگهارين رياستن جو داٻو برقرار رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا.


Remember Me Also:

منهن رکي

مُنهُن رَکِي جمع مُنهُن رَکِيُون

ث . مُنهن رکڻي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal